شهري راست ڪيو آر ڪوڊ ذريعي فوري ۽ بنا ڪنهن واڌو چارج جي نادرا فيس جي ادائگي ڪري سگهن ٿا: نادرا

لاهور-24 آڪٽوبر(اي پي پي) نادرا ملڪ جي شهرين لاءِ نادرا فيس جمع ڪرائڻ جو عمل وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي شهري راست ڪيو آر ڪوڊ ذريعي فوري ۽ بنا ڪنهن واڌو چارج جي فيس جي ادائگي ڪري سگهن ٿا. نادرا جي ترجمان مطابق سڄي ملڪ جي سمورن نادرا مرڪزن وٽان جاري ٿيندڙ ٽوڪن سلپن  تي راست ادائگي جو آپشن موجود آهي. شهري پنهنجي بينڪ اڪائونٽ ايپ يا موبائيل والٽ …

لاهور-24 آڪٽوبر(اي پي پي) نادرا ملڪ جي شهرين لاءِ نادرا فيس جمع ڪرائڻ جو عمل وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي شهري راست ڪيو آر ڪوڊ ذريعي فوري ۽ بنا ڪنهن واڌو چارج جي فيس جي ادائگي ڪري سگهن ٿا. نادرا جي ترجمان مطابق سڄي ملڪ جي سمورن نادرا مرڪزن وٽان جاري ٿيندڙ ٽوڪن سلپن  تي راست ادائگي جو آپشن موجود آهي. شهري پنهنجي بينڪ اڪائونٽ ايپ يا موبائيل والٽ تان ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ فيس ادا ڪري سگهن ٿا. نادرا اختيارين مطابق ان نئين نظام جو مقصد نادرا فيس جمع ڪرائڻ جو عمل تيز ڪرڻ . محفوظ ۽ ڪيش ليس بڻائڻ آهي ته جيئن رجسٽريشن مرڪزن تي ڊگهين قطارن ۽ روڪ رقم جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ان سهولت تحت شهري هاڻي گهر ويٺي يا سروس ڪائونٽر تي ئي فيس ادا ڪري سگهن ٿا.