راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا (سي جي سي ايس سي) مالديپ جي سرڪاري دؤري دوران مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو، بچاءُ واري وزير محمد غسان مامون ۽ چيف آف ڊفينس فورس ميجر جنرل ابراهيم هلمي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي ماحول ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مالديپ جي صدر، بچاءُ واري وزير ۽ چيف آف ڊفينس فورس سان ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا (سي جي سي ايس سي) مالديپ جي سرڪاري دؤري دوران مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو، بچاءُ واري وزير محمد غسان مامون ۽ چيف آف ڊفينس فورس ميجر جنرل ابراهيم هلمي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي ماحول ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ناتن کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي پڻ غور ڪيو ۽ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪالهه آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب مالديپ جي سول عسڪري قيادت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارتن کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سندن قربانين جو اعتراف ڪيو. ان کان اڳ اين ڊي ايف هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي چست جٿي طرفان سي جي سي ايس سي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.










