وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي: عائشه رضا فاروق

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر(اي پي پي)وزيراعظم جي پوليو جي روڪ ٿام بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي واري قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر پوليو مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ …

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر(اي پي پي)وزيراعظم جي پوليو جي روڪ ٿام بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي واري قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر پوليو مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائن هيروز گهر گهر وڃي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿا، فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جو جذبو ۽ همت پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي جدوجهد جي اصل طاقت آهي. هن چيو ته والدين،سرپرست،ڪميونٽي اڳواڻ ۽ ميڊيا جو اعتماد پوليو جي خاتمي کي هڪ حقيقي قومي تحريڪ ۾ تبديل ڪيو. پوليو جو خاتمو هر ٻار جي محفوظ ۽ صحت مند مستقبل جي ضمانت آهي، اسان سڀني کي اتحاد ۽ عزم سان پوليو جي خاتمي جي ڪوشش جاري رکڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن  اسان کي پنهنجي واعدي جي تڪميل ۽ پوليو فري پاڪستان جي قيام جي ياد ڏياري ٿو.