پوليو جو خاتمو صرف مهم نه پر قومي ذميداري آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو جو خاتمو صرف مهم نه پر قومي ذميداري آهي، سمورا پاڪستاني پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد ٿين. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پوليو جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، شهيد محترمه …

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو جو خاتمو صرف مهم نه پر قومي ذميداري آهي، سمورا پاڪستاني پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد ٿين. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پوليو جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تحت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پوليو جي روڪٿام جي جامع مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پ پ هميشه عوام جي صحت ۽ ڀلائيءَ کي اولين ترجيح ڏيندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو خلاف جنگ جي فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز خاص طور تي عورتن ۽ ويڪسينيٽرز کي سلام پيش ڪريان ٿو. هيلٿ ورڪز ڏُکائين باوجود همت ۽ جذبي سان گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريندا آهن. هن چيو ته اچو ته گڏجي هڪ اهڙو مستقبل تعمير ڪريون جتي ڪوبه ٻار پوليو جو شڪار نه ٿئي. هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون جيڪو مضبوط، صحتمند ۽ اميد سان روشن هجي.