لائف اسٽائل ميڊيسن قدرت جي نظام جي ويجهو آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام جي صحت لاءِ ڪم ڪرڻ اسپتال ٺاهڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. گذريل ڏينهن شروع ڪيل 3 ڏينهن واري لائف اسٽائل ميڊيسن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته لائف اسٽائل ميڊيسن قدرت جي نظام جي ويجهو آهي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو طريقو بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته …

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام جي صحت لاءِ ڪم ڪرڻ اسپتال ٺاهڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. گذريل ڏينهن شروع ڪيل 3 ڏينهن واري لائف اسٽائل ميڊيسن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته لائف اسٽائل ميڊيسن قدرت جي نظام جي ويجهو آهي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو طريقو بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته 3 ڏينهن واري لائف اسٽائل ڪانفرنس ۾ صحت واري وزارت کي هاڪاري تجويزون حاصل ٿيون آهن، اسان قدرتي نظام کان پري هٽي ويا آهيون جنهن جي ڪري معاشري ۾ بيماريون تيزيءَ سان پکڙجي رهيون آهن.