اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار معاشي بحاليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ۽ اؤسر تي پنهنجو ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن ۾ ڪئنيڊا جي شامل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ معاشي ناتن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. اها …
ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن ۾ ڪئنيڊا جي شامل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ معاشي ناتن جي عڪاسي ٿي رهي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار معاشي بحاليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ۽ اؤسر تي پنهنجو ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن ۾ ڪئنيڊا جي شامل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ معاشي ناتن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر طارق علي خان سان ملاقات دوران چئي. ناڻي واري وزير هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ذميداريون سنڀالڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون. ناڻي واري وزارت پاڪستان جي تازي معاشي ڪارڪردگي ۽ سڌارن جي ايجنڊا جو جائزو پيش ڪندي چيو ته 3 سال اڳ جي ڏُکئي وقت کانپوءِ ملڪ جي مجموعي معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، مهانگائيءَ تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ مالي نظم و ضبط بحال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جٽادار معاشي بحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ۽ اؤسر تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن نئين هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان جي عالمي مالياتي ادارن ۽ ترقياي ڀائيوارن سان رابطن ۽ شموليت بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته حڪومت خاص ڪري توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ پهرين ترجيح ڏئي رهي آهي. ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن ۾ ڪئنيڊا جي شامل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ معاشي ناتن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن ٻه طرفي واپار ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده واپاري ڳاڻيٽو پنهنجي صلاحيت کان گهٽ آهي، پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي، کاڻيون کوٽڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ ڪئنيڊا جي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي ۽ ڪئنيڊا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ڪئنيڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ پاران ناڻي واڌ جي باضابطه ذريعن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو ٻنهي معيشتن وچ ۾ هڪ قيمتي پُل جي حيثيت رکي ٿو. هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ڪئنيڊا جي حڪومت پاران گرمجوشي تي ٻَڌل نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان جي معاشي اڳڀرائيءَ جي تعريف ڪئي. هن چيو ته واپار ۾ جدت آڻڻ ڪئنيڊا جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ سندس حڪومت پاڪستان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هاءِ ڪمشنر ڪراچيءَ ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪئنيندا جي ڪمپنين جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي سبز معيشٽ طرف منتقلي ۽ ماحولياتي استحڪام لاءِ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. هاءِ ڪمشنر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته زرعي واپار ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ وسيع امڪان موجود آهن. ان موقعي تي ڌُرين ٻه طرفي سيڙپڪاري جي معاهدي تي جاري ڳالهين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ جلد ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ معاشي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. ڌُرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ گڏيل ناتن جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ ويجهو سهڪاري عمل جاري رکيو ويندو.











