راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي جي ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري 8 هندستاني حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي …
سيڪيورٽي فورسز جي ڪي پي ڪي جي ضلعي ٽانڪ ۾ ڪارروائي، 8 هندستاني حمايت يافته خوارجي مارجي ويا
راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي جي ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري 8 هندستاني حمايت يافته خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 8 هندستاني حمايته يافته خوارجي ماريا ويا. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيا جيڪي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي ڪاررواين سان گڏوگڏ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيشنل ايڪشن پلان موجب وفاقي اپيڪس ڪميٽي طرفان منظور ڪيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت دهشتگرديءَ جي خاتمي جي مهم طور علائقي ۾ ڪنهن ٻئي هندستاني حمايته يافته خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري رکيو پئي اچي جيڪو دهشتگرديءَ جي خطري ۽ پرڏيهي حمايت يافته دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري شدت سان جاري رهندي.











