وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي واپار ۽ صنعت جي وزير شيخ فيصل بن ثاني بن فيصل الثاني جي ملاقات

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ ويجهن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي واپار ۽ صنعت جي وزير شيخ فيصل بن ثاني بن فيصل الثاني جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. قطر جو وزير پاڪستان-قطر گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ڇهين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ پاڪستان جي دوري تي …

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ ويجهن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي واپار ۽ صنعت جي وزير شيخ فيصل بن ثاني بن فيصل الثاني جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. قطر جو وزير پاڪستان-قطر گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ڇهين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جيڪي گڏيل عقيدن، قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان جي هڪ اهم ڀائيوار ۽ هڪ بااثر علائقائي ثالث جي حيثيت سان قطر جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن توانائي، زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ موقعن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي وڌندڙ اهميت تي زور ڏنو، هُن پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وجهندي قطري سيڙپڪارن کي حڪومت جي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فريم ورڪ تحت تعاون جا نوان رستا ڳولڻ جي دعوت ڏني. شيخ فيصل بن ثاني بن فيصل الثاني قطري قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قطر جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته جي ايم سي جي ڇهين اجلاس موجوده تعاون جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل لاڀائتي ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نون قدمن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ۽ علائقائي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل سمجھ کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ويجهي رابطي کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي ٽو بي) رابطن ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن لاءِ وڌيڪ سهولتُون شامل آهن.