اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 26-2025ع جي مدت لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان هڪ وڌيڪ پرامن، منصفانه ۽ خوشحال دنيا جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب گڏيل قومن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو …
پاڪستان جي گهڻ طرفي لاڳاپن جي وابستگي گڏيل قومن جي نظام ۾ ڏهاڪن کان فعال شرڪت مان ظاهر ٿئي ٿي: اسحاق ڊار
اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 26-2025ع جي مدت لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان هڪ وڌيڪ پرامن، منصفانه ۽ خوشحال دنيا جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب گڏيل قومن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان ڳالهه کي ورجائي ٿو ته هُو گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن جي نظام سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن امن، ترقي ۽ انساني وقار جي خاطر گڏيل قومن جي چارٽر جي واعدي کي هٿي ملي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي 80هين سالگرهه جي موقعي تي گهڻ طرفي نظام جي پنهنجي ثابت قدمي جي عزم کي ورجائيندي عالمي برادري سان شامل آهي. اسان کي يقين آهي ته گڏيل قومون، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڪندڙ گهڻ طرفي اداري جي حيثيت سان گڏيل عالمي چئلينجن جن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي لاڳو سنگين خطرا، بدترين انساني بحران، مسلسل ترقي ۾ ويڇا ۽ موسمياتي بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ منفرد ادارو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي وزن جي رهنمائي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جن ۾ رياستن جي خودمختيار برابري، عدم مداخلت، خود اراديت جو حق ۽ تڪرارن جو پرامن حل شامل آهي سان مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان جي تاريخ ٽڪراءَ تي سفارتڪاري، اڪيلائي تي گڏجڻ ۽ پولرائيزيشن تي ڀائيواري جي مسلسل ترجيح کي ظاهر ڪري ٿي، نائب وزيراعظم چيو ته اسان جي گهڻ طرفي لاڳاپن جي وابستگي گڏيل قومن جي نظام ۾ ڏهاڪن کان فعال شرڪت مان ظاهر ٿئي ٿي. پاڪستان 1960ع کان وٺي گڏيل قومن جي امن فوج جي آپريشن ۾ سڀ کان وڏي فوجي مدد ڪندڙن مان هڪ آهي ۽ سڀ کان پراڻي امن فوج جي مشن، گڏيل قومن جي فوجي آبزرور گروپ انڊيا اينڊ پاڪستان (يو اين ايم او جي آءِ پي) جو ميزبان آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو چارٽر عالمي قانون ۽ خوداراديت کي برقرار رکڻ لاءِ اسان جي گڏيل عزم جي توثيق ڪري ٿو، هِن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انهن نظرين جي سڀ کان وڌيڪ غير قانوني طور تي قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلسل خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ذريعي ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي جائز خواهشن کي ڀارت طرفان ظالماڻي ڏاڍ ذريعي رد ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح غزه اسان جي گڏيل انسانيت ۽ عالمي ضمير جو قبرستان بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان هڪ وڌيڪ پرامن، انصاف پسنداڻي ۽ خوشحال دنيا جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن سال جولاءِ ۾ سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت دوران اتفاق راءِ جوڙڻ ۾ ساک ٺاهي، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي فروغ ڏيڻ ۾ اسان جي فعال ڪردار سان اسان کي اهڙن نتيجن جي طرف ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو جيڪي گڏيل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ جي خواهش ۽ ترجيحن جي عڪاسي ڪن ٿا.











