اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن امن، انصاف ۽ ترقي تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ گهڻ رخي نظام کي وڌيڪ جامع، نمائنده ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب …
پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن امن، انصاف ۽ ترقي تي مڪمل يقين رکي ٿو: اسحاق ڊار
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن امن، انصاف ۽ ترقي تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ گهڻ رخي نظام کي وڌيڪ جامع، نمائنده ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحييٰ، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه، غيرملڪي سفير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي 80هين سالگرهه عالمي امن، انصاف ۽ انساني ترقي جي گڏيل عزم جي علامت آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت غيرمعمولي چئلينجز، وڌندڙ اڻبرابرين ۽ عالمي ادارن تي ڪمزور ٿيندڙ اعتماد جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا پراڻا تڪرار ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته خودمختياري جو حق ۽ انصاف جو واعدو اڃا تائين پورو ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ هڪ فعال حصيدار آهي ۽ UNMOGIP جي ميزبان ملڪ جي حيثيت سان خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جاري رکي آهي. هن چيو ته پاڪستان جيڪو هن وقت سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر آهي، عالمي امن، انصاف ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جولاءِ 2025ع ۾ پاڪستان جي صدارت دوران سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي متفقه منظوري پاڪستان جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته تڪرارن جي پرامن حل کي عالمي سفارتڪاري جو محور بڻايو وڃي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ جاري ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم اداري کي وڌيڪ شفاف، موثر ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي وقت سر ڪوشش آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي بنيادي فرضن، خاص طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام ۽ تڪرارن جي روڪٿام، کي بجيٽ يا مالي مصلحتن تحت ڪمزور نه ڪرڻ گهرجي پر انهن قدمن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جون ترجيحون، خاص طور تي 2030ع جي پائيدار ترقي جا هدف، گڏيل قومن جي ايجنڊا جو مرڪزي محور هجڻ گهرجن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي عالمي نظام جو خواهشمند آهي جيڪو تعاون، شموليت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ تي ٻڌل هجي جنهن جي مرڪز ۾ گڏيل قومون هجي. هن گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن امن، ترقي ۽ سمورن انسانن جي عزت نفس جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ وابستگي جو ورجاءُ ڪيو.











