اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اسلام آباد جي ناليواري شاپنگ مال ۾ عورت سان مبينه زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سخت ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻُ پوندو. هن چيو ته عورتن جو …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران اسلام آباد جي ناليواري شاپنگ مال ۾ عورت سان مبينه زيادتي جي واقعي جو نوٽيس
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اسلام آباد جي ناليواري شاپنگ مال ۾ عورت سان مبينه زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سخت ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻُ پوندو. هن چيو ته عورتن جو تحفظ ۽ عزتِ نفس جو احترام حڪومت جي انساني حقن جي پاليسيءَ جو اهم حصو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن معاملن ۾ وقت سر ۽ حساس انداز ۾ ڪارروائي يقيني بڻائين.











