اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پولينڊ سان واپار، توانائي، دفاع، تعليم ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي پولينڊ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير راداسواف سڪورسڪي وزيراعظم هائوس ۾ …
وزيراعظم پاران پولينڊ سان واپار، توانائي، دفاع، تعليم ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پولينڊ سان واپار، توانائي، دفاع، تعليم ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي پولينڊ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير راداسواف سڪورسڪي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پولينڊ ۾ پاڪستان جو سفير سميع ملڪ پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن پولينڊ جي اعليٰ سطح جي صنعتڪاري ۽ ترقي کي ساراهيو جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي کان پولينڊ جي هڪ خصوصيت رهي آهي. وزيراعظم واپار، توانائي، دفاع، تعليم، محنت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم پولينڊ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري خاص طور تي توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ نوان موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ وچ اوڀر ۽ يوڪرين ۾ امن جي ڪوششن سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ عالمي قانون، انساني اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري جي لاءِ پاڪستان جي مستقل موقف کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پولينڊ جي وزيراعظم ڊونلڊ ٽسڪ جي نالي مبارڪباد وارو پيغام ڏنو ۽ کيس جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پولينڊ جي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي پيٽرول ڪيميڪل سيڪٽر ۾ پولينڊ جي سيڙپڪاري 0.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي ۽ تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان به واٽر ٽريٽمينٽ ۾ پولينڊ جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پرڏيهي آيفس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون ۽ مقامي ٿنڪ ٽينڪ ۾ هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو.











