اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ ”پولينڊ جي ڪاميابي جي ڪهاڻي“ اڀرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ پيغام“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. تقريب جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد سينٽر فار اسٽريٽجڪ پرسپيڪٽيو (سي ايس پي) پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز (پي آءِ ايس ايم) جي تعاون سان ڪيو هو. …
پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ليڪچر
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ ”پولينڊ جي ڪاميابي جي ڪهاڻي“ اڀرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ پيغام“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. تقريب جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد سينٽر فار اسٽريٽجڪ پرسپيڪٽيو (سي ايس پي) پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز (پي آءِ ايس ايم) جي تعاون سان ڪيو هو. تقريب ۾ سفارتڪارن، پاليسي سازن، تعليمي ماهرن ۽ ٿنڪ ٽينڪس، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آءِ ايس ايس آءِ پولينڊ ۾ قائم يورپي ٿنڪ ٽينڪ پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون. صحيحون پرڏيهي آفيس ۾ ٿيون جتي ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد سهيل محمود ۽ ڊائريڪٽر پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ڊاڪٽر جارو سلاو چاويڪ ڪارپوويچ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس پولينڊ جي هم منصب رادوسواف سڪورسڪي جي موجودگي ۾ دستاويزن تي صحيحون ڪيون. پنهنجي خطاب ۾ پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پولينڊ جي تاريخي تبديلي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ان جي وسيع تر اثرن جو ذڪر ڪيو. چار ڏهاڪا اڳ پاڪستان جي پنهنجي شروعاتي دوري کي ياد ڪندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ سوويت قبضي جي خلاف افغان مزاحمت دوران پاڪستان جي اهم ڪردار بابت گرمجوشي سان ڳالهه ڪئي. ڪميونزم کانپوءِ جي معيشت سان يورپ جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ رياستن مان هڪ تائين پولينڊ جي سفر جو خاڪو پيش ڪندي هن پنهنجي ملڪ جي ڪاميابي جو ڪريڊت مشڪل پر فيصلائتي سڌارن، اداراجاتي جدت ۽ هڪ مستحڪم عالمي ماحول کي قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته 1989ع کانپوءِ کان پولينڊ جي في ڪس جي ڊي پي ۾ ٽيڻ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جي اقتصادي تبديلي جاگرافيائي ۽ سماجي طور تي متوازن رهي آهي. هن چيو ته پولينڊ جو تجربو وچولي درجي جي رياستن جي لاءِ تحريڪ جو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪي پائيدار ترقي ۽ عالمي هڪ جهڙائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي وسيع تر جاگرافيائي سياسي تناظر تي روشني وجهندي چيو ته وڌندڙ پولرائيزيشن ۽ عالمي قانون کي درپيش چئلينجن جي وچ ۾ دنيا هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي. هن خودمختياري، مڪالمي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل ”قاعدن تي ٻڌل عالمي آرڊر“ جي لاءِ نئين عزم جو مطالبو ڪيو. عالمي بحرانن تي پولينڊ جي موقف جو ذڪر ڪندي هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ پولينڊ جي حمايت بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو. ٻطرفي لاڳاپن تي هن پولينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ۽ واپاري حصيداري تي زور ڏنو جيڪا تازو ئي سالياني ڪاٿي ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن پاڪستان ۾ پولينڊ جي تيل ۽ گئس ڪمپني اورلين جي اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان موجودگي کي پائيدار تعاون جي علامت جي طور تي اجاگر ڪيو ۽ توانائي، کاڻين جي کوٽائي، پاڻي جي انتظام، فوڊ پراسيسنگ ۽ فنٽيڪ ۾ نئين موقعن جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته پولينڊ پاڪستان سان پنهنجي ترقياتي تجربي ۽ فني مهارت خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ پائيدار صنعت ۾ حصيداري ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پنهنجي ريمارڪس ۾ ڊي جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد سهيل محمود نائب وزيراعظم سڪورسڪي جي آجيان ڪئي ۽ سردجنگ جي خاتمي کانپوءِ پولينڊ جي نمايان تبديلي کي ساراهيو. هن پولينڊ کي يورپ جي سڀ کان ڪامياب تبديلي جي ڪهاڻين مان هڪ قرار ڏنو، هڪ اهڙو ملڪ جنهن هڪ مضبوط ۽ ريزيلينٽ رياست جي طور تي اڀرڻ جي لاءِ اقتصادي نظم ۽ ضبط، اداراجاتي سڌارن ۽ اسٽريٽجڪ دورانديشي کي گڏ ڪيو آهي. سهيل محمود چيو ته هڪ انتهائي پيچيده عالمي ماحول ۾ پاڪستان پنهنجي اهم جاگرافيائي، فوجي صلاحيت ۽ سفارتڪاري مان فائدو کڻندي نئين اسٽريٽجڪ اهميت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مهارت سان ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ڊاڪٽر جارو سلاو چاويڪ ڪارپوويچ پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي وچ ۾ حصيداري کي ساراهيندي ان کي پولينڊ ۽ پاڪستاني تعليمي تعاون ۾ نئين ۽ سُنهري باب جي شروعات قرار ڏنو. هن چيو ته پولينڊ ۽ پاڪستان ٻئي عالمي برادري جي ذميوار ميمبرن جي طور تي عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ قانونن تي ٻڌل عالمي نظم کي برقرار رکڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن ٿا. ليڪچر کانپوءِ هڪ انٽرايڪٽو سوال جواب جو سيشن ٿيو بعد ۾ معزز مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو ويو.











