اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا دهشتگردي ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ جاري پڌرائي موجب پنجاب حڪومت جي درخواست تي گهرو وزارت ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ سمري وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي. …
وفاقي ڪابينا دهشتگردي ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا دهشتگردي ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ جاري پڌرائي موجب پنجاب حڪومت جي درخواست تي گهرو وزارت ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ سمري وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا کي ملڪ ۾ ٽي ايل پي جي پرتشدد ۽ دهستگرد سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي اعليٰ افيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪالعدم تنظيم جي پرتشدد ۽ انتشار ڦهلائيندڙ ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2016ع کان قائم ان تنظيم پوري ملڪ ۾ شرانگيزي کي هوا ڏني، تنظيم جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ شرانگيزي جا واقعا ٿيا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2021ع ۾ به ان وقت جي حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي هنئي جيڪا 6 مهينن کانپوءِ ان شرط تي هٽائي وئي ته اڳتي ملڪ ۾ بدامني ۽ پرتشدد ڪارروايون نه ڪيون وينديون. تنظيم تي پابندي جو سبب 2021ع ۾ ڏنل ضمانتن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ به آهي. ماضي ۾ به ٽي ايل پي جي پرتشدد احتجاجي جلسن ۽ ريلين ۾ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ بيگناهه واٽهڙو ماريا ويا. بيان موجب وفاقي ڪابينا اجلاس کي ڏنل بريفنگ ۽ پنجاب حڪومت جي سفارش کانپوءِ متفقه طور تي ان نتيجي تي پهتي ته ٽي ايل پي دهشتگردي ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهي.











