راولپنڊي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته پاڪستان رومانيه سان پنهنجن مضبوط سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت سمورن اهم معاملن تي هم آهنگيءَ تي ٻَڌل آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو رومانيه جي …
پاڪستان رومانيه سان پنهنجن مضبوط سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو

مزید خبریں
راولپنڊي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته پاڪستان رومانيه سان پنهنجن مضبوط سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت سمورن اهم معاملن تي هم آهنگيءَ تي ٻَڌل آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو رومانيه جي پنهنجي سرڪاري دؤري دوران سيڪريٽري دفاع ايڊورڊ باچيڊي ۽ چيف آف ڊفينس جنرل گيورگيتسا ولاد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي عسڪري قيادت وچ ۾ ٿيل ان ملاقات دوران پاڪ فضائيه جي سربراهه چيو ته پاڪستان رومانيه سان پنهنجن مضبوط سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي بابت اهم معاملن تي هم آهنگيءَ تي ٻَڌل آهن. هن گڏيل چئلينجن جي مقابلي ۾ مضبوط ٻه طرفي فوجي حصيداريءَ جي عزم کي ورجايو. هن گڏيل پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ تعاون ۽ آپريشنل هم آهنگيءَ جون نيون راهون تلاش ڪري ان حصيداريءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي پُختي عزم کي ورجايو. رومانيه جي بچاءُ واري سيڪريٽري پاڪ فضائيه جي شاندار جنگي رڪارڊ ۽ آپريشنل مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه جي وسيع آپريشنل تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ رومانيه جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران رومانيه جي چيف آف ڊفينس پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻين مهارتن ۽ صلاحيتن کي ساراهيو ۽ ٻنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ ڊگهي مُدي واري اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، گڏيل مشقن، تربيتي مٽاسٽا ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ جي پروگرامن ذريعي ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه جو هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پائيدار مشغوليت ۽ حصيداريءَ ذريعي اُڀرندڙ سيڪيورٽي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.










