لاڙڪاڻو - 23 آڪٽوبر(اي پي پي) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 14هين ورسي 23 آڪٽوبر تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مرڪزي تقريب ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، مردن ۽ عورت ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، گڙهي خدا بخش ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻين …
مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 14هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 23 آڪٽوبر(اي پي پي) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 14هين ورسي 23 آڪٽوبر تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مرڪزي تقريب ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، مردن ۽ عورت ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، گڙهي خدا بخش ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن ان موقعي تي چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت خلاف بهادري سان جدوجهد ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي تربيت ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس خدمتون جمهوريت جي مضبوطي جو بنياد بڻجي ويون.










