صدر پاران بيگم نصرت ڀٽو کي سندس 14هين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي سندس 14هين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ۾ سندس جرئت ۽ اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل حالتن ۾ ثابت قدمي ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو، سندس حوصلو ۽ همٿ قوم جي لاءِ …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي سندس 14هين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ۾ سندس جرئت ۽ اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل حالتن ۾ ثابت قدمي ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو، سندس حوصلو ۽ همٿ قوم جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ جمهوريت جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ تحمل ۽ عزم سان تحريڪ جي قيادت ڪئي. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت جو همٿ سان مقابلو ڪيو ۽ جمهوري قدرن تي قائم رهي. بيگم نصرت ڀٽو جو حوصلو قوم جي جمهوري اصولن کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ جامع معاشري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو رهندو. صدر مرحومه جي درجن جي بلنديءَ لاءِ پڻ دعا ڪئي.