اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ايندڙ ٽن سالن دوران صنعتن ۽ آبادگارن کي 22.98 رپيا في يونٽ جي رعايتي قيمت تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي. خميس ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتي ۽ زرعي شعبن جي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ پيڪيج جو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صنعتن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان، ٽن سالن دوران 22.98 رپيا في يونٽ جي رعايتي قيمت تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ايندڙ ٽن سالن دوران صنعتن ۽ آبادگارن کي 22.98 رپيا في يونٽ جي رعايتي قيمت تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي. خميس ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتي ۽ زرعي شعبن جي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ پيڪيج جو اعلان ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاران اعلان ڪيل پيڪيج تحت، صنعتن ۽ آبادگارن کي ايندڙ ٽن سالن (نومبر 2025ع کان آڪٽوبر 2028ع ) تائين رعايتي قيمت تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته صنعتي شعبي کي 34 رپيا ۽ زرعي شعبي کي 38 رپيا فراهم ڪيل يونٽن جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي ڪري اضافي يونٽ فراهم ڪيا ويندا. ايندڙ ٽن سالن ۾ صنعتي ۽ زرعي شعبن کي سڄي سال لاءِ 22.98 رپيا في يونٽ جي قيمت تي اضافي بجلي فراهم ڪئي ويندي. روشن معيشت بجلي پيڪيج تحت فراهم ٿيندڙ بجلي جو بار نه ته گهريلو صارف ۽ نه ئي ڪو ٻيو شعبو برداشت ڪندو. هن توانائي ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ سندس ٽيم کي هن پيڪيج جي تياري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مُلڪي معيشت جي ترقي ۽ روزگار ۾ اضافي لاءِ انتهائي اهميت جوڳي آهي، مُلڪي صنعتن ۽ زرعي شعبي جي خطي ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ ۽ ڪاروباري سهولتن ۾ اضافي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيُون. وزيراعظم چيو ته گذريل سال سياري ۾ ڏنل پيڪيج تحت صنعتي ۽ زرعي شعبن 410 گيگا واٽ اضافي بجلي استعمال ڪئي، جنهن سان صنعتن کي فروغ مليو، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. وزيراعظم چيو ته معاشي بحران کان معاشي استحڪام تائين جو سفر مُسڪل ضرور هو پر معاشي ٽيم جي محنت ۽ سڀني جي تعاون سان اهو ممڪن ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن صنعتي ۽ زرعي شعبا ترقي ڪندا ته ملڪ قرضن کان نجات ملندي. هن بهتر پاليسين جي ڪري معاشي اشارن ۾ بهتري تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته سڀني جي تعاون ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات جي محنت سان پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو هدف جلد حاصل ٿي ويندو.











