اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جو نور خان ايئر بيس پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) خالد جمالي استقبال ڪيو. هي پولينڊ جي نائب وزيراعظم رادوسواف سڪورسڪي جو پاڪستان جو ٻيون سرڪاري دورو آهي. پولينڊ جو نائب وزيراعظم …
پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جو نور خان ايئر بيس پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) خالد جمالي استقبال ڪيو. هي پولينڊ جي نائب وزيراعظم رادوسواف سڪورسڪي جو پاڪستان جو ٻيون سرڪاري دورو آهي. پولينڊ جو نائب وزيراعظم دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو. وفد جي سطح تي ڳالهيون ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پولش نائب وزيراعظم پنهنجي هم منصب، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.











