وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان قطر جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيقي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مقرر قطر جي سفير علي بن مبارڪ الخاطر ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي معاشي شراڪتداري ۾ بدلائڻ جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت مان جاري بيان مطابق …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيقي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ مقرر قطر جي سفير علي بن مبارڪ الخاطر ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي معاشي شراڪتداري ۾ بدلائڻ جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير قطر ڄ سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ گهرا، ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ قطر جو ساٿ ڏنو آهي، اسان هڪ قوم آهيون، ترقي ۽ خوشحالي جو اسان جو هدف گڏيل آهي. رانا تنوير حسين ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ويجهن سفارتي لاڳاپن باوجود زرعي شعبي ۾ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ سهڪار محدود آهي ۽ پاڪستان جو زرعي روانگي واپار قطر کي خطي جي ٻين ملڪن خاص ڪري ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات خاص  ڪري حلال گوشت، ميوا، ڀاڄيون، چانور ۽ چوپائي مال جي چاري جي سپلائي لاءِ زبردست صلاحيت موجود آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي ويزن تحت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي. هن زرعي شعبي ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني ته جيئن ٻه طرفي سهڪار لاءِ هڪ باقائده فريم ورڪ تيار ڪري سگهجي ۽ ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ٿي سگهي. رانا تنوير حسين قطر جي سفير کي پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ اُٺ جي خشڪ کير جي تياري ۽ روانگي واپار شامل آهي. اهو کير پهريان ئي آمريڪا ۽ چين کي روانگي واپار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سعودي عرب به ان ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان روڊز گراس جي روانگي واپار ۽ فيڊ لاٽ فيٽننگ فارم جي صنعتي پيماني تي منصوبا تيار ڪيا آهن جيڪي قطر جي خوراڪ ۽ چاري جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور دعوت ڏي ٿي، اسان هر سطح تي سهولت، زمين جي فراهمي ۽ مربوط رابطي ڪاري کي يقيني بنائينداسين. قطر جي سفير علي بن مبارڪ الخاطر شاندار آجيان تي ٿورو مڃيندي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيع زرعي وسيلا ۽ مهارت يافته افرادي سگهه موجود آهي، جيڪا قطر جي خوراڪي تحفظ جي ويزن 2030ع ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته قطر جو واپار وارو وزير جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ته جيئن نئين سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪري سگهجن. هن پنهنجي مڪمل دستيابي جو اظهار ڪندي تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ فوڪل پرسنز مقرر ڪن ته جيئن رابطي ڪاري ۽ منصوبن جي اڳڀرائي تي مسلسل ڪم جاري رهي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته زرعي شعبي ۾ سهڪار لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي ڪم ڪيو وڃي ۽ واپاري سطح تي (بي ٽو بي) تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. رانا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ۽ قطر ايمان، ڀائيچاري ۽ دوستي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن ۽ پاڪستان هدف حاصل ڪرڻ ۾ هڪ اعتماد جوڳي ڀائيوار طور پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.