اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نقد وارين فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪپهه جي پيداوار کي درپيش چئلينجز سميت اهم فصلن جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نقد وارين فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نقد وارين فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪپهه جي پيداوار کي درپيش چئلينجز سميت اهم فصلن جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري سميت آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما)، ڪپهه جي آبادگارن ۽ جنرز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي، سپلاءِ چين جي بهتري ۽ تحقيقي عمل کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) ۾ اپٽما ۽ ٻين نجي شعبن جي نمائندن جي شموليت کي وڌايو وڃي ته جيئن عوامي ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ موثر رابطي جي ذريعي ڪپهه جي شعبي جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها سمورين لاڳاپيل ڌرين سان ويجهي رابطي ۾ رهندي تجويز ڪيل سڌارن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائي ته جيئن ڪپهه سميت ٻين اهم فصلن جي پيداوار ۾ اضافي ۽ زرعي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي.











