راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڀَتو نه ڏيڻ تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ مقامي ماڻهن کي باهه لڳائي ڇڏي، گاڏي ۾ موجود 6 معصوم شهري شهيد ٿي ويا. تفصيل مطابق فتنه الخوارج دهشت ڦهلائڻ لاءِ ظلم جي انتها ڪندي هڪ گاڏي تي پئٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ موجود 6 معصوم شهري فوت ٿي ويا. واقعي جو اطلاع …
فتنه الخوارج جي دهشتگرن ڀَتو نه ڏيڻ تي اتر وزيرستان ۾ گاڏي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، 6 معصوم شهري شهيد

مزید خبریں
راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڀَتو نه ڏيڻ تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ مقامي ماڻهن کي باهه لڳائي ڇڏي، گاڏي ۾ موجود 6 معصوم شهري شهيد ٿي ويا. تفصيل مطابق فتنه الخوارج دهشت ڦهلائڻ لاءِ ظلم جي انتها ڪندي هڪ گاڏي تي پئٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ موجود 6 معصوم شهري فوت ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪَڙو چاڙهي خوارجين جي ڳولها لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. فتنه الخوارج جي ان بربريت تي مير علي جي عوام حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته اسان کي انهن جانورن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. اهو ڪهڙو اسلام يا ڪهڙو جهاد آهي جو ان ظلم وسيلي معصوم ماڻهن کي ذاتي بنيادن تي قتل ڪيو وڃي. شهرين چيو ته الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ سورت الحجرات جي آيت 9 ۾ فرمائي ٿو ته جيڪو گروهه بغاوت ڪري رهيو آهي ان سان ان وقت تائين وڙهو جيستائين هو الله جي حڪم طرف واپس نه اچي وڃي.











