آذربائيجان ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيح

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان آذربائيجان جي سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو ته آذربائيجان پهريون ملڪ آهي جنهن سان وزيراعظم يوٿ پروگرام ايم او يو تي صحيح ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان آذربائيجان جي سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو ته آذربائيجان پهريون ملڪ آهي جنهن سان وزيراعظم يوٿ پروگرام ايم او يو تي صحيح ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ آذربائيجان جي يوٿ اينڊ اسپورٽس واري وزارت ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي وئي هئي. رانا مشهود چيو ته بهتري ۽ ترقي لاءِ اسان کي ايم او يو جيڪو گڏيل هدفن، گڏيل هم آهنگي ۽ نوجوانن تي ٻڌل قدمن تي ٻڌل آهي ان تي وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهن ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائي ترقي طرف گامزن آهن. ان موقعي تي سفير چيو ته اسان کي خوشي آهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ نوجوانن جي وزارت پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اسان جي نوجوانن کي اسان جي دوستي بابت وڌيڪ آگاهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪ جي گڏيل يوٿ ڪلچر ۽ خاص تعليم جي موقعن کي نظر ۾ رکندي نوجوانن کي گڏيل رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، وڌيڪ نوجوانن لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن.