راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، دالبندين، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪامياب ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن …
بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، دالبندين، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪامياب ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق دهشتگردن جابلو غار ۾ پناهه ورتي هئي جن تي فضائي نگراني ذريعي مسلسل نظر رکي وئي. سيڪيورٽي فورسز طرفان موزون وقت تي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بنايو ويو، اها اهم ڪاميابي سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن جي بهترين هم آهنگي ۽ اثرائتي رابطي جو نتيجو آهي. بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين فورسز طرفان سيڪيورٽي قدم جاري رهندا.











