اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ قابض اسرائيلي فوج جي تازن حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي انساني جانين جو زيان ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جا قدم شرم الشيخ ۾ مسلم ۽ عرب دنيا، آمريڪا، يورپ ۽ گڏيل قومن جي قيادت جي موجودگي ۾ طئي ٿيندڙ امن …
پاڪستان پاران غزه ۾ قابض اسرائيلي فوج جي تازن حملن جي شديد مذمت
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ قابض اسرائيلي فوج جي تازن حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي انساني جانين جو زيان ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جا قدم شرم الشيخ ۾ مسلم ۽ عرب دنيا، آمريڪا، يورپ ۽ گڏيل قومن جي قيادت جي موجودگي ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي روح جي خلاف آهن. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها انهن خلاف ورزين جي خاتمي جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻي ۽ جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد ۽ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيلي ڪاررواين کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لاڳاپيل فلسطيني رياست جي قيام جي لاءِ پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.












