جمهوريه پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خميس تي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچندو

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي جمهوريه پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسلو سڪورسڪي (اڄ) خميس کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب اهو رادسلو سڪورسڪي جو پاڪستان جو ٻيو سرڪاري دورو هوندو. سندس گذريل دورو 2011ع ۾ ٿيو هو. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي جمهوريه پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسلو سڪورسڪي (اڄ) خميس کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب اهو رادسلو سڪورسڪي جو پاڪستان جو ٻيو سرڪاري دورو هوندو. سندس گذريل دورو 2011ع ۾ ٿيو هو. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پولينڊ جي هم منصب سان نويڪلائي ۾ ملاقات سان گڏوگڏ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. اميد آهي ته ٻئي ڌريون ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل اسپيڪٽرم تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا نائب وزيراعظم گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڪورسڪي جو دورو پاڪستان ۽ پولينڊ لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ پولينڊ سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.