پاڪ بحريه جي جهاز يرموڪ جو سعودي قيادت ۾ منشيات جي خاتمي بابت آپريشن، 972 ملين ڊالرن جي ماليت جي منشيات ضبط ڪري ورتي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز يرموڪ سعودي قيادت ۾ ڪمبائينڊ ميري ٽائم فورسز (سي ايم ايف) جي ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 150 (سي ٽي ايف-150) تحت ڪم ڪندڙ اُتر عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي بابت ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 972 ملين ڊالرن جي ماليت جي منشيات ضبط ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب اها ڪاميابي علائقائي ميري ٽائيم …

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز يرموڪ سعودي قيادت ۾ ڪمبائينڊ ميري ٽائم فورسز (سي ايم ايف) جي ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 150 (سي ٽي ايف-150) تحت ڪم ڪندڙ اُتر عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي بابت ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 972 ملين ڊالرن جي ماليت جي منشيات ضبط ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب اها ڪاميابي علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي، عالمن ۽ امن ۽ سمنڊ ۾ غير قانوني اسمگلنگ خلاف اجتماعي جنگ لاءِ پاڪ بحريه جي پُختي عزم کي اجاگر ڪري ٿي. گهڻ قومي سي ٽي ايف-15 سامونڊي استحڪام کي يقيني بنائڻ ۽ اونهي سمنڊ ۾ دهشتگردي ۽ غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، ان جي حصي طور تي پي اين ايس يرموڪ جو ڪامياب آپريشن هندي سمنڊ جي وسيع علائقي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ ذميدار ميري ٽائم ڀائيوار طور تي پاڪستان جي فعال ڪردار جي توثق ڪري ٿو. منشيات جي خاتمي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پي اين ايس يرموڪ جي عملي جي پيشيوراڻي مهارت ۽ چاهه کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ بحريه سهڪار ۽ مربوط ميري ٽائيم سيڪيورٽي ڪوششن ذريعي عالمي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي قومي بحري مفادن جي تحفظ جي پنهنجي مشن ۾ ثابت قدم رهيو. نيول چيف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس تحت پي اين ايس يرموڪ جو آپريشن ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي هٿي ملندي.