جرمن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده اقتصادي حڪمت عملي ٽيڪس نظام، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ماليت جي شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي ٻَڌل آهي ۽ ان جو مقصد جٽادار ۽ چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائڻ آهي. جرمن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، ڪلي معيشت جي بهتر …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده اقتصادي حڪمت عملي ٽيڪس نظام، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ماليت جي شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي ٻَڌل آهي ۽ ان جو مقصد جٽادار ۽ چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائڻ آهي. جرمن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، ڪلي معيشت جي بهتر ٿيندي ئي بنيادي اهڃاڻن، هاڪاري جاگرافيائي سياسي حالتن ۽ يورپ، چين، آمريڪا ۽ نار وارن ملڪن سميت اهم ڀائيوارن سان نئين سر ي سان ناتا، سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ڀائيواريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جرمن سفير ايناليپل جي اڳواڻيءَ ۾ آيل جرمن سيڙپڪارن ۽ واپارين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ناڻي واري وزير ڪلي معيشت جي استحڪام، ڍانچه جاتي سڌارن ، واپار ۽ سيڙپڪارن جي سهولتڪاري لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت مالي ۽ پرڏيهي استحڪام جي بحاليءَ ۾ مسلسل اڳڀرائي ڪئي آهي، پاڪستان جي ڪرنسي مستحڪم آهي، ناڻي واڌ ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي جنهن سان حڪومتي قدمن ۽ اڳڀرائيءَ تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي موجوده اقتصادي حڪمت عملي ٽيڪس نظام، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ماليات جي شعبن ۾ گهري ڍانچه جاتي سڌارن تي ٻَڌل آهي ۽ ان جو مقصد جٽادار۽ چٽاڀيٽي معيشت جوڙڻ آهي. ناڻي واري وزير جاري نجڪاريءَ جي عمل ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر داخلا جي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته جرمني جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان جي اُڀرندڙ شعبن جن ۾ ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ مينيوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ قائم اي ايڇ جي جرمن ٻه طرفه چيمبر آف ڪامرس جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته چيمبر تجربيڪار ۽ نئين جرمن سيڙپڪارن کي پاڪستان جي بدلجندڙ ڪاروباري ماحول جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وفد کي پاڪستان ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ سڌارن جي رفتار بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير وفد جي پنهنجي تازي واشنگٽن ڊي سي جي دؤري سان حاصل ٿيل تجربن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان دؤري دوران هن آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ جي سالياني ميٽرنگز ۾ شرڪت ڪئي ۽ عالمي مالياتي ادارن، عالمي سيڙپڪارن، ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين ۽ پنهنجي عالمي هم منصوبن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ڪلي معيشت جي استحڪام جي محاذ تي پنهنجي ڪاميابين کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي، ڪرنسي مستحڪم آهي، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا هن وقت اڍائي مهينن جي روانگي واپار کي پورو ڪرڻ جي قابل آهن ۽ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين ٽن مهينن جي سطح تائين پهچڻ جي اميد آهي. هلندڙ مالي سال دوران ناڻي واڌ جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي جنهن کي پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جو سهارو حاصل آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي کي عالمي سطح تي فچ، ايس اينڊ پي ۽ موڊيز جهڙين ٽن وڏين ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين تسليم ڪيو آهي جن ويجهڙ وارن مهينن ۾ پاڪستان جي درجابندي بهتر ڪئي آهي. گذريل هفتي آءِ ايم ايف طرفان ان جي جامع جائزه مشن کان پوءِ اسٽاف ليول معاهدي جو اعلان پاڪستان جي پاليسي رُخ تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي ڪوششن سان گڏوگڏ اهم شعبن ۾ گهري ڍانچي جاتي سڌارا به ضروري آهن جن ۾ ٽيڪسيشن، توانائي، سرڪاري ادارن، نجڪاري ۽ پبلڪ فنانس شامل آهن. هن چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وسيع ۽ مضبوط ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي جنهن تحت جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي هلندڙ مالي سال ۾ 10.2 سيڪڙو مان وڌائي 11 سيڪڙو ۽ ايندڙ سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. توانائيءَ جي شعبي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير حڪومت جي جٽادار سڌارن ۽ نجڪاري جي عزم کي اجاگر ڪيو جنهن جو مقصد نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ وصولين ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن ٻُڌايو ته ڪيترن ئي سرڪاري ادارن کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي جن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ هڪ سرڪاري اداري کي متحده عرب امارات جي ڪنسورشيم ڪاميابي سان حاصل ڪري ورتو آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جي نجڪاريءَ جو عمل پڻ جاري آهي 4 وڏيون عالمي ڪمپنيون هن وقت غور ويچار جي مرحلي ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ فنانس جي ميدان ۾ سڌارا جاري آهن جن ۾ پينشن جي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ غير فعال ادارن جي بندش ذريعي وفاقي حڪومت جي دائره ڪار ۾ گهٽتائي جهڙا قدم شامل آهن. اهي قدم سياسي طور تي ڏُکيا ضرور آهن پر مالي طور تي اڻٽر آهن. سينيٽر اورنگزيب پاڪستان جي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر واپسي جي منصوبن تي پڻ روشني وڌي جن ۾ چين جي وسيع مالياتي مارڪيٽ ۾ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ ۽ 2026ع ۾ گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام تحت يورو بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسيءَ جا منصوبا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ئي ڪلي معيشٽ جا بنيادي اهڃاڻ، هاڪاري جاگرافيائي سياسي حالتن ۽ يورپ، چين، آمريڪا ۽ نار وارن ملڪن سميت اهم ڀائيواري سان نئين سر ناتا، سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ڀائيواري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. سينيٽر اورنگزيب جرمن وفد جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي جن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، پرڏيهي ملڪي ڪمپنين جي منافعي ۽ ڊيويڊنڊز جي منتقليءَ ۾ سهولت ۽ پاڪستان جي معاشي رُخ تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا قدم شامل آهن.