اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان 6 هزار سوالن تي ٻڌل هڪ بينڪ بنائي وئي آهي، گذريل سال مارچ کان ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ هاڻي پهريون ڀيرو سيليبس کي مڪمل ڪري ڪامن ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ …
ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙي نصاب تي ڪم ڪيو پيو وڃي: سيد مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان 6 هزار سوالن تي ٻڌل هڪ بينڪ بنائي وئي آهي، گذريل سال مارچ کان ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ هاڻي پهريون ڀيرو سيليبس کي مڪمل ڪري ڪامن ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 22 هزار سيٽون آهن جڏهن ته هڪ لک 40 هزار 200 شاگردن ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي ٽيسٽ لاءِرجسٽريشن ڪرائي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي امتحانن تي هر سال سوال اٿاريا ويندا هئا، هر صوبي جو ميڊيڪل سيليبس الڳ هو ان تي شاگرد اها شڪايت ڪندا هئا ته آئوٽ آف سيليبس سوال اچي ويو آهي. پي ايم ڊي سي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 6000 سوالن تي ٻڌل ڪوئسٽن بينڪ بنائي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن صوبن جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز کي خط لکيا ويا. هن چيو ته هر صوبي کي 3، 3 سوالناما ڏنا ويا. اها هر صوبي جي پنهنجي مرضي آهي ته هو ڪهڙو سوالنامو انهن شاگردن کي ڏئي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بهترين امتحان ٿيڻ وارا آهن، جيڪڏهن ڪو پرچو آئوٽ ٿئي ته ان جو ذميوار صوبو هوندو. هن چيو ته 140290 شاگردن رجسٽريشن ڪرائي آهي جنهن مان 22 هزار شاگردن کي داخلا ملندي. هن چيو ته سڄي ملڪ جي ڪامن سيليبس کي ڏسي سوال ٺاهيا ويا آهن.












