صدر پاران سعودي قيادت ۾ گڏيل ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس تحت ڪيل ڪارروائي کي گڏيل تعاون جو عمده مثال قرار

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي قيادت ۾ گڏيل ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس تحت ڪيل ڪارروائي کي گڏيل تعاون جو عمده مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نيوي جو اهو ڪارنامو قومي فخر ۽ پيشيواراڻي مهارت جو روشن مثال آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان نيوي جي جهاز يرموڪ جي ڪامياب منشيات جي خاتمي واري ڪارروائي …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي قيادت ۾ گڏيل ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس تحت ڪيل ڪارروائي کي گڏيل تعاون جو عمده مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نيوي جو اهو ڪارنامو قومي فخر ۽ پيشيواراڻي مهارت جو روشن مثال آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان نيوي جي جهاز يرموڪ جي ڪامياب منشيات جي خاتمي واري ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته يرموڪ جي ڪاميابي پاڪستان نيوي جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي عزم جو اظهار آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته منشيات جي خاتمي واري اها وڏي ڪارروائي عالمي امن ۽ سامونڊي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪري ٿي. صدر سعودي قيادت ۾ گڏيل ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس تحت ڪيل ڪارروائي کي گڏيل تعاون جو عمده مثال قرار ڏنو. هن نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ يرموڪ جي عملي کي شاندار ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان نيوي جو ڪردار عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ مثبت تشخص کي مضبوط بڻائي رهيو آهي.