اسلام آباد-22 آڪٽوبر(اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداور بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان نيشنل ٽرانسميشن ڊيسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعتي ۽ روزمره جي استعمال لاءِ توانائي جي اثرائتي ماڊل ۽ پائيدار توانائي جي طريقن تي بريفنگ ڏني وئي. اين ٽي ڊي سي جي چيئرمين ٻڌايو ته عمارتن ۾ انسوليشن …
توانائي جي اثرائتي کپت لاءِ عمارتن ۾ انسوليشن کي هٿي وٺرائڻ اڻٽرآهي: وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر خان
اسلام آباد-22 آڪٽوبر(اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداور بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان نيشنل ٽرانسميشن ڊيسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعتي ۽ روزمره جي استعمال لاءِ توانائي جي اثرائتي ماڊل ۽ پائيدار توانائي جي طريقن تي بريفنگ ڏني وئي. اين ٽي ڊي سي جي چيئرمين ٻڌايو ته عمارتن ۾ انسوليشن جي استعمال سان توانائي جي تمام گهڻي بچت ممڪن آهي. هن چيو ته انسوليشن ذريعي عمارتن ۾ گرمي پد گهربل سطح تائين برقرار رکي سگهجي ٿو جنهن سان توانائي جي کپت ۾ نمايان گهٽتائي ايندي آهي. چئيرمين موجب ان مقصد تحت توانائي استعمال بلڊنگ ڪوڊ متعارف ڪرايا ويا آهن جن تي وفاقي حڪومت عملدر آمد شروع ڪري ڇڏيو آهي. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ پائيدار توانائي کي هٿي وٺائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته گرمين جي موسم ۾ صنعتن ۽ روزمره جي زندگي ۾ توانائي جي طلب ۾ نمايان اضافو ٿيندو آهي ۽ طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ عمارتن ۾ انسوليشن کي هٿي وٺرائڻ هڪ اثرائتو ۽ گهٽ خرچ وارو حل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ گڏيل قومي پيداور ۾ اضافو سڌي ريت توانائي جي خرچ سان لاڳاپيل آهي ان لاءِ علائقائي هڪجهڙائي لاءِ صنعتن ۾ پائيدار توانائي جا طريقا ضروري آهن. هارون اختر خان انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي هدايت ڪئي ته اين ٽي ڊي سان گڏجي توانائي جي بچت بابت عملي قدمن تي اڳڀرائي بابت رپورٽ تيار ڪري. ان موقعي تي لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنسز جي وفد هارون اختر خان کي ايشيا ٽرانزٽ سمٽ 2025ع ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني.












