ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار  ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار  ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪر7 هزار  ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 44 هزار 200 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 45 هزار 300 ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 56 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1549.68 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.710 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1240.80 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.179 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.90 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.2081 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.