صدر آصف علي زرداري پاران سنائي تاڪائچي کي جاپان جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنائي تاڪائچي کي جاپان جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ سندس قيادت ۾ جاپان جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي دوستاڻي لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته سنائي تاڪائچي جي …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنائي تاڪائچي کي جاپان جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ سندس قيادت ۾ جاپان جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي دوستاڻي لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته سنائي تاڪائچي جي چونڊ جاپان جي سياسي تاريخ ۾ سنگ ميل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو جاپان ۾ جمهوري روايتن ۽ صنفي برابري جي فروغ جو اظهار آهي. صدر چيو ته جاپان پهرين عورت وزيراعظم چونڊي تاريخ لکي آهي، پاڪستان اٽڪل چار ڏهاڪا اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊيو هو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم سنائي تاڪائچي جي قيادت ۾ جاپان جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.