راولپنڊي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، زراعت ۾ پنهنجي راونگي واپار ۾ واڌ ڪرڻ چاهيون ٿا، ملڪي ترقيءَ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پير مهر علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊيءَ ۾ ٻين عالمي ايگريڪلچر ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو …
زرعي شعبي ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت، ملڪي ترقيءَ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي: محمد حنيف عباسي
راولپنڊي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، زراعت ۾ پنهنجي راونگي واپار ۾ واڌ ڪرڻ چاهيون ٿا، ملڪي ترقيءَ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پير مهر علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊيءَ ۾ ٻين عالمي ايگريڪلچر ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو بندوبست يونيوسٽي پاران ”ڊجيٽل جدت ذريعي زراعت جي تبديلي“ جي عنوان سان ڪيو. تقريب جو خاص مهمان محمد حنيف عباسي جڏهن ته اعزازي مهمان پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر اسما ناز عباسي هئي. ڪانفرنس جو بندوبست فزيڪل ۽ آن لائن ٻنهي طريقن سان ڪيو ويو جتي ڪجهه عالمي مقررن عملي طور تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪجهه مقررن آن لائن ئي پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس جي بندوبست تي جتي زراعت ۾ تبديلي جي باري ۾ وڌيڪ آگاهي ۽ تحقيق ۽ جدت واري سوچ جي همٿ افزائي ٿي اتي شرڪت ڪندڙن کي ساٿين ۽ ٻين ماهرن سان رابطا قائم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو به موقعو مليو. وفاقي وزير چيو ته دنيا تيزيءَ سان فني انضمام طرف وڌي رهي آهي، اسان کي به قوم جي حيثيت سان دستياب وسيلن ۽ بصيرت رکندڙ ماهرن جي ڪاوشن کي ڪتب آڻيندي زراعت ۾ ڊجيٽلائزيشن ۽ جديد هدفن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر قمر الزمان خطاب ڪندي چيو ته آٽوميشن، مصنوعي ذهانت ۽ فارمنگ جو دؤر شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي ضروري آهي ته اسان به روايتي زراعت کي جديد زراعت سان هم آهنگ ڪريون. ان جدت کي اختيار ڪري ئي اسان پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀاڻ جي استعمال کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، پاڻيءَ جي بچت ڪري سگهون ٿا ۽ ماحولياتي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪندي فصل جي مجموعي پيداوار ۾ اضافو پڻ ڪري سگهون ٿا. هن ڪانفرسن ۾ سمورن عالمي ۽ قومي مهمان مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن جي شرڪت تي سندن شڪريو ادا ڪيو. قومي ۽ عالمي اسڪالرز 8 مخلف فني سيشنز ۾ پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ان کان علاوه ايگريڪچرل ايڪسپو، آءِ ٽي نمائش، برڊ شو، فوڊ فيسٽ، آرٽ ۽ ڪرافٽ جي نمائش ۽ پوسٽر پڻ ڪانفرنس جو حصو هئا. آخر ۾ معزز مهمانن، شرڪت ڪندڙن کي شيلڊز ۽ سوونيئر پڻ پيش ڪيا ويا. ڪانفرنس جو ٽيون ڏينهن ڪسان ميلي تي ٻَڌل هوندو جنهن جو بندوبست يونيورسٽي جي ريسرچ فارم (چڪوال روڊ ڪونٽ) تي ڪيو ويندو.












