اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گهم رهڻ سميت هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا مختلف ضلعا سموگ جي اثر هيٺ رهندا. شهرين کي احتياطي تدبيرون …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گهم رهڻ سميت هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا مختلف ضلعا سموگ جي اثر هيٺ رهندا. شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي جڏهن ته اسڪردو ۽ ڪالام ۾ هلڪي برسات پئي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي، تربت، لسٻيلو ۽ ڇور ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












