نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مراڪش جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريتا ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تازي ملاقات کي ياد ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جو …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريتا ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تازي ملاقات کي ياد ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم مراڪش جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.