اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم سنائي تاڪائچي کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو سنائي تاڪائچي کي جاپان جي وزيراعظم چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان وزيراعظم سنائي تاڪائچي سان ويجهي حصيداري عمل جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار …
وزيراعظم پاران جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم سنائي تاڪائچي کي مبارڪباد
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم سنائي تاڪائچي کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو سنائي تاڪائچي کي جاپان جي وزيراعظم چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان وزيراعظم سنائي تاڪائچي سان ويجهي حصيداري عمل جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون.












