بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي تعزيت

شڪارپور-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳڙهي ياسين ۾ ڪوٽ دراني پهچي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وفات تي سندس فرزند آغا شهباز دراني سان تعزيت ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آغا سراج دراني جي وفات تي سندس ڀائرن آغا شجاع الدين خان دراني، آغا مسيح الدين خان دراني ۽ آغا رفيع الدين خان دراني سان به تعزيت ڪئي …

شڪارپور-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳڙهي ياسين ۾ ڪوٽ دراني پهچي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وفات تي سندس فرزند آغا شهباز دراني سان تعزيت ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آغا سراج دراني جي وفات تي سندس ڀائرن آغا شجاع الدين خان دراني، آغا مسيح الدين خان دراني ۽ آغا رفيع الدين خان دراني سان به تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. هن سينئر سياستدان مرحوم آغا سراج دراني جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پونيئرن لاءِ صبر جي دعا گهري. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ مير نادر علي مگسي، خورشيد جوڻيجو، سردار محمد بخش خان مھر، جميل سومرو ۽ ٻين به سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آغا سراج دراني آمريت جي دور ۾ مشڪلاتون برداشت ڪيون پر ڀٽو ازم جي نظرئيي کي پٺتي نه ڪيو. هن چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل آغا سراج دراني جون سياسي ۽ عوامي خدمتون ناقابل فراموش آهن. نئين نسلِ لاءِ پنهنجي جدوجهد سان رستا هموار ڪرڻ وارن ڪردارن کي تاريخ ۾ هميشه زنده رهڻ گهرجي.