سڊني-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته مضبوط سياسي عزم، سيڙپڪارن لاءِ سازگار سڌارا ۽ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا، پاڪستان عالمي ڀائيوارن لاءِ نئين اميد وارا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڊني ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل مائننگ اينڊ ريسورسز ڪانفرس (آءِ ايم اي آر سي) 2025ع ۾ پاڪستان جي توانائي جي منتقلي، اهم معدنيات جي ترقي …
مضبوط سياسي عزم، سيڙپڪارن لاءِ سازگار سڌارا ۽ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا، پاڪستان عالمي ڀائيوارن لاءِ نئين اميد وارا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ
سڊني-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته مضبوط سياسي عزم، سيڙپڪارن لاءِ سازگار سڌارا ۽ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا، پاڪستان عالمي ڀائيوارن لاءِ نئين اميد وارا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڊني ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل مائننگ اينڊ ريسورسز ڪانفرس (آءِ ايم اي آر سي) 2025ع ۾ پاڪستان جي توانائي جي منتقلي، اهم معدنيات جي ترقي ۽ عالمي ڀائيوارن جي نون موقعن جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان جي وڏي انگ ۾ حاصل ڪيل هدفن، پُرڪشش سيڙپڪاري مراعتن ۽ اهم معدنيات جي وسيع ذخيرن کي ترقي ۽ گڏيل مفاد لاءِ اهم شعبو قرار ڏنو. وفاقي وزير پاڪستان جي وسيع معدني صلاحيت ۽ گهٽ ڪاربان ۽ ماحولياتي طور تي جٽادار مستقبل لاءِ حڪومت جي پُختي عزم تي روشني وڌي. هن هڪ واضح ويزن پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي قدرتي وسيلن کي ذميوداراڻي طريقي سان ڪتب آڻيندي معاشي ترقيءَ کي ماحولياتي تحفظ سان هم آهنگ ڪيو ويندو. اهو نقطهءِ نظر پاڪستان کي نه صرف وسيلن سان مالامال پر ان کي ماحولياتي تبديلي خلاف عالمي جدوجهد ۾ هڪ ڏور رس ڀائيواري طور به نمايان ڪري ٿو. علي پرويز ملڪ عالمي سطح تي موجود عدم مساوات جي نشاندهي ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي ٿو، پر موسمياتي تبديليءَ جا بدترين اثر ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي توانائي جي منتقلي هڪ اڻٽر ضرورت آهي. اها تبديلي ملڪ جي ماحولياتي موافقت، پاڻي ۽ خوراڪ جي تحفظ ۽ ڊگهي مُدي واري معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن عالمي سهڪار جي وسيع امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته مضبوط سياسي عزم، سيڙپڪارن لاءِ سازگار سڌارا ۽ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا، پاڪستان عالمي ڀائيوارن لاءِ نئين اميد وارا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير ويسٽرن آسٽريليا جي حڪومت جي ڊي جي (معدنيات) سان ملاقات ڪئي. ڊي جي، وفاقي وزير کي آسٽريلوي معيشت ۾ معدنيات جي شعبي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير آسٽريلوي ڪمپنين کي پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني.











