اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان چيني ٽائلز انڊسٽريءَ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان ٽائلز ۽ سرامڪس سيڪٽر ۾ ڪئميرائن لڳائڻ جي پاليسيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس دوران هارون اختر وضاحت ڪيو ته ڪئميرا …
وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان چيني ٽائلز انڊسٽريءَ جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان سان چيني ٽائلز انڊسٽريءَ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان ٽائلز ۽ سرامڪس سيڪٽر ۾ ڪئميرائن لڳائڻ جي پاليسيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس دوران هارون اختر وضاحت ڪيو ته ڪئميرا صرف پروڊڪشن لائن تي ٽائلز جي ڳڻتيءَ لاءِ لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته پيداوار جي آخري مرحلي ۾ ڪيو آر ڪوڊ پيڪچنگ ۽ مصنوعات جي ڳڻپ لاءِ پڻ ڪئميرا لڳندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي چيني سيڙپڪارن جي ڀرپور همت افزائي ۽ کين سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو پاڪستان ۾ پنهنجا ڪاروباري معاملا خوبيءَ سان انجام ڏئي سگهن. هارون اختر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورين صنعتي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ضروري سهولتن کي لڳائڻ لاءِ راضي آهيون. هارون اختر چيو ته هي قدم اهم ۽ صنعت جي مفاد ۾ آهن. ان کان علاوه ايف بي آر جي نمائندن چيني صنعتڪارن کي ڪئميرائن لڳائڻ جي حوالي سان مڪمل سهڪار ۽ شفافيت جي خاطري ڪرائي.











