اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته زيتون جي صنعت پاڪستان لاءِ خوشحال ۽ زرعي پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ نيون راهون کولي سگهي ٿي. ڪالهه پاڪستان اوليوسمٽ 2.0 کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان زيتون جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ ان فصل جي عيوض ٻهراڙيءَ جي معيشت مضبوط ٿيندي. وفاقي وزير …
زيتون جو شعبو پاڪستان جي معيشت لاءِ نئون سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿو: رانا تنوير حسين
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته زيتون جي صنعت پاڪستان لاءِ خوشحال ۽ زرعي پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ نيون راهون کولي سگهي ٿي. ڪالهه پاڪستان اوليوسمٽ 2.0 کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان زيتون جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ ان فصل جي عيوض ٻهراڙيءَ جي معيشت مضبوط ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته زيتون جو تيل پاڪستان جي هڪ عالمي روانگي واپار برانڊ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. حڪومت زيتون جي شعبي ۾ تحقيق، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ آبادگارن کي تربيت کي هٿي وٺرائي رهي آهي ته جيئن پيداوار ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ممڪن بڻائي سگهجي. رانا تنوير حسين چيو ته زيتون جي شعبي ۾ نجي شعبي جي شموليت سٺو سنوڻ آهي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اها صنعت تيزيءَ سان ترقي ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته جٽادار زراعت مستقبل جي اڻٽر ضرورت آهي ۽ فوڊ سيفٽي اسان جي قومي ترجيح آهي. هن آبادگارن تي زور ڀريو ته هو زيتون جي پوکي ۽ ويليو چين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته اسان زيتون کي پاڪستان جي سُڃاڻپ بڻائينداسي، ڇاڪاڻ ته محفوظ ۽ جٽادار خوراڪ ئي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.











