وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان هارون اختر جي ملاقات، سي ٽو اسٽيل گرين ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪوريڊور تي غور ويچار

اسلام آباد-21 آڪٽوبر(اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزير اعظم جي خاص معاون هارون اختر خان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، سامونڊي ۽ صنعتي شعبي کي ضم ڪرڻ تي ٻڌل جديد منصوبي سي ٽو اسٽيل گرين ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪوريڊور تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ان موقعي تي پورٽ قاسم ۾ پهرين …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر(اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزير اعظم جي خاص معاون هارون اختر خان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، سامونڊي ۽ صنعتي شعبي کي ضم ڪرڻ تي ٻڌل جديد منصوبي سي ٽو اسٽيل گرين ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪوريڊور تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ان موقعي تي پورٽ قاسم ۾ پهرين سي ٽو اسٽيل گرين انڊسٽريل ڪوريڊور قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو 10 ورهين ۾ اٽڪل 13 ارب ڊالرن جي بچت جو ذريعو بڻجندو. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته اهو منصوبو سامونڊي ۽ صنعتي شعبن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪندو جڏهن ته پاڪستان اسٽيل ملز کي هڪ جديد استيل پراسيسنگ ۽ شپ ريسائيڪلنگ ۽ رپيئر ڪامپليسڪ سان ڳنڍيو ويندو. ان قدم سان ناڻي جي ذخيرن ۾ بچت سان گڏوگڏ مقامي صنعت کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته سي ٽو اسٽيل ڪوريڊور پاڪستان جي صنعتي ڍانچي ۾ پائيدار ترقي ، ماحومياتي تحفظ ۽ فني ڀاڻڀرو ٿيڻ ۽ ان کي ڏور رس اثرن وارو قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ان منصوبي تي لاڳاپيل وزارتن وچ ۾ سهڪار سان فوري عمل کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته صنعتي ۽ سامونڊي شعبن جي مربوط ترقي سان سيڙپڪاري، ايڪسپورٽ ۽ مقامي پيداوار ۾ نمايان واڌ ٿيندي جيڪا ملڪي معيشت کي جتادار بنيادن تي استحڪام فراهم ڪندي.