اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت سهڪار ۽ مستقبل جي واپار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جو ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. ڄام ڪمال خان يورپي يونين جي سهڪار ۽ هاڪاري شراڪتداري کي ساراهيو. …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين جي سفير ريمونڊس ڪاروبلس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت سهڪار ۽ مستقبل جي واپار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جو ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. ڄام ڪمال خان يورپي يونين جي سهڪار ۽ هاڪاري شراڪتداري کي ساراهيو. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسڪيم سان پاڪستاني روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان انساني حقن، محنت جي معيارن ۽ بهتر حڪمراني جي طرزز جي عزم تي قائم آهي. ملاقات ۾ يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم جي قيام تي به ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ڌرين پائيدار ترقي ۽ گڏيل معاشي خوشحالي لاءِ ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











