اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام لاءِ انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻائڻ طرف وڏو قدم کڻندي پبلڪ فيسيليٽيشن پورٽل جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پڌرائيءَ موجب هي پورٽل چيف جسٽس آف پاڪستان جي خاص هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ جي آفيشل ويب سائٽ تي ”پبلڪ پورٽل“ جي عنوان …
سپريم ڪورٽ پاران انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻائڻ طرف وڏو قدم، پبلڪ فيسيليٽيشن پورٽل جي باقاعده شروعات
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام لاءِ انصاف تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻائڻ طرف وڏو قدم کڻندي پبلڪ فيسيليٽيشن پورٽل جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پڌرائيءَ موجب هي پورٽل چيف جسٽس آف پاڪستان جي خاص هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ جي آفيشل ويب سائٽ تي ”پبلڪ پورٽل“ جي عنوان سان دستياب آهي. هي هڪ جديد، مربوط ۽ عوام دوست آن لائن پليٽ فارم آهي جنهن جو مقصد شهرين ۽ عدليه وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ۽ انصاف تائين پهچ کي شفاف، تيز ۽ آسان بڻائڻ آهي. ان قدم ذريعي سپريم ڪورٽ کي هڪ رسمي اداري مان وڌائي هڪ عوامي سهولت مرڪز طور پيش ڪيو ويو آهي جتي هر شهري بنا رڪاوٽ رهنمائي ۽ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. پورٽل جا ڪيسز انفارميشن سيڪشن ۾ صارفين آسانيءَ سان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. شهري پنهنجي ڪيس جو نالو، نمبر يا درخواست جي نوعيت ذريعي تلاش ڪري فوري ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي پهرين ڪيترائي ڀيرا ذاتي طور تي عدالت جا چڪر لڳائڻ سان ئي ممڪن هوندو هو. ان کان علاوه هيلپ لائن 1818 ذريعي شهري سڌيءَ ريت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا ته جيئن رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ۽ طريقيڪار بابت سوال ڪري سگهجن يا فني معاونت وٺي سگهجي. هڪ جامع اڪثر پُڇيا ويندڙ سوال (FAQs) سيڪشن به شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عدالتي سڌارن، درخواست داخل ڪرڻ جا مرحلا ۽ ٻُڌڻيءَ جي طريقيڪار کي آسان زبان ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن عام شهري به عدالتي نظام کي سمجهي سگهن ۽ پاڻ اعتماد سان ان مان فائدو کڻي سگهن. ايپلي ڪيشنز اسٽيٽس سيڪشن ذريعي صارفين پنهنجون مختلف درخواستون جن ۾ ٻُڌڻيءَ جي درخواست، دير جي درخواست يا وڊيو لنڪ پٽيشن جي حقيقي وقت ۾ نگراني ڪري سگهن ٿا. هر درخواست جي جمع ٿيڻ کان فيصلي تائين جا سمورا مرحلا آن لائن ڏسي سگهجن ٿا، جنهن سان شفافيت ۾ واڌ ۽ غير ضروري دير ۾ گهٽتائي آئي آهي. سپريم ڪورٽ جو نئون پبلڪ فيسليٽيشن پورٽل پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ شفافيت، عوامي شموليت ۽ جديديت جي هڪ نئين دؤر جي شروعات آهي. هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انصاف نه صرف فراهم ڪيو پيو وڃي پر اهو نظر ايندڙ، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ هر شهريءَ جي پهچ ۾ آندو پيو وڃي.











