اسلام آباد- 21 آڪٽوبر(اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر(اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 23 هزار 100 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 03 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 52 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 46 هزار 600 ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 56 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1549.84 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.719 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1241.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.224 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.20 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.221 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











