وزيراعظم پاران سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام کي وقت جي اهم ضرورت قرار، دنيا ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز جي حوالي سان بيانيي جي جنگ جاري آهي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز جي حوالي سان بيانيي جي جنگ جاري آهي، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ مصنوعي ذهانت تي عبور حاصل ڪندڙ قومون ئي دنيا جي مستقبل تي حڪمراني ڪنديون، سيمي ڪنڊڪٽرز پاڪستان جي مستقبل ۽ نوجوان نسل جو منصوبو آهي، آءِ ٽي، اي آءِ ۽ …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز جي حوالي سان بيانيي جي جنگ جاري آهي، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ مصنوعي ذهانت تي عبور حاصل ڪندڙ قومون ئي دنيا جي مستقبل تي حڪمراني ڪنديون، سيمي ڪنڊڪٽرز پاڪستان جي مستقبل ۽ نوجوان نسل جو منصوبو آهي، آءِ ٽي، اي آءِ ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز جهڙن شعبن ۾ نوجوانن جي تربيت لازمي آهي، حڪومت منصوبي جي لاءِ وڌيڪ وسيلا پڻ مهيا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز جي لاءِ انسپائر انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مگسي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، ناليواري ٽيڪنالاجي ماهر ڊاڪٽر نويد شيرواني، اعليٰ سرڪاري عملدارن، ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام وقت جي انتهائي اهم ترين ضرورت آهي ۽ هڪ تاريخي قدم آهي، ان جي تياري ۾ حصو وٺندڙ سمورن ماڻهن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، دنيا ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز جي حوالي سان بيانيي جي جنگ جاري آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اسان جي ذميواري آهي ته وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻون ۽ قوم کي ان کان آگاهه ڪريون. هن چيو ته سيمي ڪنڊڪٽر پاڪستان جي مستقبل ۽ نوجوان نسل جو منصوبو آهي، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ مصنوعي ذهانت تي عبور حاصل ڪندڙ قومون ئي دنيا جي مستقبل تي حڪمراني ڪنديون، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ان منصوبي جي لاءِ 4.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هي هڪ شروعات آهي، حڪومت منصوبي جي لاءِ وڌيڪ وسيلا پڻ مهيا ڪندي. وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل جي لاءِ ٻين به مختلف پروگرامن تي عمل ٿي رهيو آهي، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ٿي چڪي آهي، ايف بي آر کي 100 سيڪڙو ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، حڪومت ڊيجيٽل پاڪستان ويزن تحت ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن، ڪيش ليس اڪانومي، ڊيجيٽل والٽس اهم منصوبن ۾ شامل آهن، ٻين ملڪن به پاڪستان ۾ شروع ڪيل پروگرامن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا هئا، يوٽيلٽي اسٽورز ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن هئي، لاينون لڳل رهنديون هيون، ان کي سدائين جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي، اسان ان جي جڳهه تي رمضان ۾ ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي 20 ارب رپيا مستحقين کي سڌوسنئون منتقل ڪيا، ڊيجيٽل والٽس ملڪ جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو هو، ايندڙ سال ان کي وڌيڪ وڌايو ويندو، پاڪستان حڪومت جو ڊيجيٽل ويزن اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو ۽ سڀ کان قيمتي سرمايو آهن، آءِ ٽي، اي آءِ ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز جهڙن شعبن ۾ نوجوانن جي تربيت لازمي آهي، انهن کي جيتري به تربيت ڏياري سگهياسين ڏيارينداسين، ان شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، اسان کي هاڻي ان جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نيشنل سيمي ڪنڊڪٽرز پروگرام جاري ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل سيمي ڪنڊڪٽرز پروگرام جاري ڪرڻ تاريخي سنگ ميل آهي، پروگرام وزيراعظم جي ويزن ڊيجيٽلائيزيشن پاڪستان تحت اهم اڳڀرائي آهي. پروگرام ٽيڪنالاجي منصوبو ئي نه آهي پر پاڻڀرائپ ۽ معاشي خودمختياري جو بنياد آهي، منصوبي جي پٺيان ڏينهن رات جي محنت ڪيترين ئي ٽيمن ۽ ماهرن جون ڪوششون شامل آهن، وزيراعظم جي قيادت ۾ ڊيجيٽل ويزن ۽ نوجوانن تي اعتماد ان خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايس آءِ ايف سي جي ٽيم پڻ ان ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، منصوبي تحت 7200 نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ تربيت فراهم ڪئي ويندي، اهو 5 سالن جو منصوبو آهي منصوبي تحت 9 يونيورسٽين جا ڪلسٽرز قائم ڪيا ويندا ۽ 6 جديد ترين انٽيگريٽڊ سرڪٽ جون ليبارٽريون تيار ڪيون وينديون. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت، اعتماد ۽ سرپرستي جو نتيجو آهي ته اڄ اسان نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، اسان ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارينداسين ۽ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو. ڊاڪٽر نويد شيرواني چيو ته سيمي ڪنڊڪٽرز مستقبل ۾ ڊيٽا جي حفاظت ۾ اهم حيثيت رکندڙ هوندا، پاڪستان نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر پلان ۾ ان منصوبي کي شامل ڪيو ويو آهي، مون کي خوشي آهي ته اسان پهريون قدم کنيو آهي، سائبر سيڪيورٽي ۽ سيمي ڪنڊڪٽر کانسواءِ ترقي جو عمل اڳتي نٿو هلي سگهي. سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب به ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا، ان شعبي ۾ اسان کي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻي پوندي، ان کانسواءِ اسان جي لاءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام باضابطا جاري ڪيو. سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سربراهي ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي ذريعي عمل ڪيو پيو وڃي جنهن جي ذريعي پاڪستان باضابطا طور تي عالمي سيمي ڪنڊڪٽر صنعت ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جو ڪاٿو هن وقت 600 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو آهي ۽ 2030ع تائين اهو هڪ ٽريلين ڊالر کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. پاڪستان جي نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر ڊيولپمينٽ روڊ ميپ جي پهرين مرحلي ۾ انسپائر آئوٽ سورسڊ اسيمبلي اينڊ ٽيسٽنگ ۽ فيبريڪيشن جي صلاحيتن جو بنياد رکندو جنهن سان پاڪستان عالمي سيمي ڪنڊڪٽر سپلاءِ چين ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهندو. انسپائر جي شروعات سان پاڪستان هڪ نئين ڊيجيٽل تبديلي جي دور ۾ داخل ٿي ويو آهي جيڪو جدت، نوجوانن جي صلاحيت ۽ عالمي تعاون سان ليس آهي. ان قدم سان پاڪستان کي عالمي سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ هڪ اعتماد جوڳي حصيدار جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ملڪ جي لاءِ ٽريلين ڊالر ماليت جي عالمي ٽيڪنالاجي معيشت جو حصو بڻجڻ جي راهه هموار ٿيندي.

مزید خبریں