وزيراعظم ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ٻڌل ترقي ۽ ڊجيٽل معيشت جي فروغ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) پروگرام جو باضابطه افتتاح ڪندو

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ٻڌل ترقي ۽ ڊجيٽل معيشت جي فروغ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) پروگرام جو باضابطه افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت آئي ٽي پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد ملڪ کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ترقي ڏيڻ …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ٻڌل ترقي ۽ ڊجيٽل معيشت جي فروغ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) پروگرام جو باضابطه افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت آئي ٽي پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد ملڪ کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ترقي ڏيڻ ۽ ڊجيٽل معيشت کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان کي خطي ۾ آءِ ٽي جي اڀرندڙ معيشت طور تي اجاگر ڪيو ويندو. آءِ ٽي پروگرام نوجوانن کي ڊجيٽل دور جي گهرجن مُوجب هم آهنگ ڪرڻ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. پروگرام جي شروعات سان پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ٿيندو. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ وفاقي وزير، آءِ ٽي ماهر ۽ اسٽارٽ اپ نمائندا شرڪت ڪندا. وزيراعظم پروگرام جي شروعات جي موقعي تي ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن تي روشني وجهندو. بيان موجب حڪومت  جو عزم آهي ته آءِ ٽي جي فروغ ذريعي قومي معيشت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو وڃي. نئين پروگرام تحت، فري لانسنگ، اي ڪامرس ۽ سافٽ ويئر ڊولپمينٽ جي شعبن ۾ سهولتون پيدا ٿينديُون. آءِ ٽي پروگرام سان نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم جي هدايت تي آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ لاءِ جامع پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. پروگرام جو آغاز ڊجيٽل پاڪستان ويزن ويزن جا هدف حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.

مزید خبریں