گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير پ پ جي چيئرمين کي امن جي قيام ۽ …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير پ پ جي چيئرمين کي امن جي قيام ۽ داخلي سلامتيءَ لاءِ گهرو وزارت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي داخلي استحڪام لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته موجوده چئلينجز جو مقابلو اتحاد ۽ اتفاق سان ئي ڪري سگهجي ٿو. هن داخلي سيڪيورٽيءَ لاءِ گهرو وزارت جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن قومي مفاهمت، داخلي امن، سالمتي ۽ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں