اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ لاءِ بهتر رابطن جي حڪمت عملين تي ٻَڌل اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ علائقائي واپاري راهدارين جي صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ هلندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ريجنل ڪنيڪٽوٽي ڪانفرنس (علائقائي رابطا ڪانفرسن) جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو. …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ لاءِ بهتر رابطن جي حڪمت عملين تي ٻَڌل اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ علائقائي واپاري راهدارين جي صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ هلندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ريجنل ڪنيڪٽوٽي ڪانفرنس (علائقائي رابطا ڪانفرسن) جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي علائقائي رابطن جي شروعاتي تي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ واپاري راهدارين کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي واپار لاءِ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير احد چيما زور ڀريو ته پاڪستان ريل ۽ روڊ ٻنهي نيٽ ورڪ ذريعي علائقائي رابطا ڪاري کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته علائقائي رابطن واري ڪانفرسن ۾ اهم مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون جيڪي علائقائي رابطا ڪاري ۽ معاشي انضمام لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا. ان کان علاوه لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن وفاقي وزيرن کي هلندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ علائقائي رابطا ڪانفرنس جي تيارين تي رپورٽ پيش ڪئي. ان ڪانفرسن ۾ ترڪيه، سعودي عرب، ايران، مالديپ، سريلنڪار، بيلاروس سميت تقريبن 10 ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا. تيارين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وفاقي وزير احد چيما چيو ته پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهي آهي ۽ اهم ملڪن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں