اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته اسپيشلائزڊ ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ آف ٽرينرز پروگرام جي شروعاتي پروگرام ۾ 200 ٽرينرز کي مختلف شعبن ۾ آن لائن مصنوعي ذهانت، اِي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ڊيٽا اينالٽڪس جهڙن شديد شعبن ۾ تربيت ڏني ويندي. هو ڪالهه پيشيوراڻي ۽ فني تربيت بابت قومي ڪميشن (نيو ٽيڪ) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ وزيراعظم جي …
اسپيشلائزڊ ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ آف ٽرينرز پروگرام جي شروعاتي پروگرام ۾ 200 ٽرينرز کي مختلف شعبن ۾ آن لائن تربيت ڏني ويندي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته اسپيشلائزڊ ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ آف ٽرينرز پروگرام جي شروعاتي پروگرام ۾ 200 ٽرينرز کي مختلف شعبن ۾ آن لائن مصنوعي ذهانت، اِي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ڊيٽا اينالٽڪس جهڙن شديد شعبن ۾ تربيت ڏني ويندي. هو ڪالهه پيشيوراڻي ۽ فني تربيت بابت قومي ڪميشن (نيو ٽيڪ) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت اسپيشلائزڊ ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ آف ٽرينرز پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن خطاب ۾ چيو ته هي پروگرام نوجوانن کي عالمي معيار جو ڊجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ طرف وڏو قدم آهي. هن چيو ته هي پروگرام نيو ٽيڪ، يوني سروسز انٽرنيشنل ۽آءِ ٽي ايم سي چائينا جي گڏيل سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان ۾ ڊجيٽل اسڪلز جي هڪ نئين دؤر جي شروعات آهي. هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ 200 ٽريننرز کي آن لائن تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ مصنوعي ذهانت، اِي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ڊيٽا اينالٽڪس جهڙن جديد شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي، تربيت مڪمل ڪندڙن کي پاڪستان ۽ چين جي ناليوارن ادارن طرفان سرٽيفيڪٽ ڏنا ويندا. رانا مشهود احمد خان چيو ته پريڪٽس آف اسڪلز پليٽ فارم ذريعي پاڪستاني نوجوانن ۽ فري لانسرز کي مفت ڊجيٽل لرننگ اڪائونٽس پڻ فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ملڪ ۾ ڊجيٽل تعيلم کي هٿي ملندي. هن چيو ته نيو اي ٽي سي سي ۽ چيني ادارن جي ڀائيواريءَ کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڊجيٽل سهڪار ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. پروگرام پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پاڪستان جي ٽيوٽ جي نظام کي جديد رُخن تي آڻيندو. تقريب ۾ يوٿ پروگرام، نيو ٽيڪ، ٽيوٽ قومي ۽ عالمي ڀائيوارن ۽ تعليم ۽ تربيت واري وزارت جي اعليٰ عملدارن پن شرڪت ڪئي.











